
ڪراچي: ڪراچي جي ڪورنگي جي غريب نواز ڪالوني ۾ گهر ۾ ستل ريڙهي تي پڪوڙا وڪرو ڪندڙ شخص کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. خبر موجب اڱارو ۽ اربع جي وچ واري رات ڪورنگي ٿاڻي جي علائقي سيڪٽر 3/34 بنگالي ڪئمپ غريب نواز ڪالوني ۾ گهر نمبر 441 ۾ فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کي قتل ڪيو ويو مقتول جي سڃاڻپ 50 ورهين جو محمد انوار ولد يعقوب عمر جي نالي سان ڪئي وئي پوليس مطابق مقتول پنهنجي گهر ۾ ستل هو ۽ انهيءَ دوران اڻڄاتل جوابدارن گهر جي دري مان فائرنگ ڪئي گولي دري جو شيشو ٽوڙيندي مقتول کي لڳي ۽ هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، واقعي واري هنڌ تان نائين ايم ايم پسٽل جو هڪ خول مليو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته قتل ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو.