پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ ري انڪمنٽ ڊرامن ۾ ڪم ڪندڙ عورت جو پراڻو لاش مليو

ڪراچي: لائينز ايريا جي علائقي جيڪب لائن ۾ گهر مان ري انڪمنٽ ڊرامن ۾ ڪم ڪندڙ عورت جو ڪيترائي ڏينهن پراڻو لاش مليو جڏهن ته فوري طور تي موت جو سبب معلوم ناهي ٿي سگهيو. پوليس مطابق لاش جي سڃاڻپ نسرين زال تهزيب جي نالي سان ڪئي وئي آهي نسرين مختلف ٽي وي چينلز تي ٺهندڙ ري انڪمنٽ ڊرامن ۾ ڪم ڪندي هئي، نسرين جو مڙس پنهنجي پهرين زال سان رهي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن نسرين جي گهر ايندو هو، ڄاڻايل گهر تهذيب ئي ڪرائي تي وٺي نسرين کي رهڻ لاءِ ڏنو هو، پوليس مطابق لاش جي حالت تمام خراب ٿيڻ سبب فوري طور تي موت جو سبب معلوم ناهي ٿي سگهيو. جڏهن ته پوسٽ مارٽم کان پوءِ ئي اصل صورتحال سامهون اچي سگهندي، عورت سرڪاري ٽيچر ۽ شوبز انڊسٽريز سان لاڳاپيل هئي جڏهن ته ري اينڪمنٽ ڊرامن ۾ به ڪردار ادا ڪندي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button