پاڪستان

شاهد خاقان تي فنڊنگ جو الزام، ن ليگ شهباز گل کي نوٽيس موڪلي ڇڏيو

نواز ليگ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي مٿان ڀارتي ڪمپني کي فنڊنگ ڏيڻ جو الزام هڻڻ تي تحريڪ انصاف اڳواڻ شهباز گل کي قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ راڻا مشهود ۽ ٻين ماڊل ٽائون لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي مٿان ڀارتي ڪمپني جي فنڊنگ جي الزام ۾ شهباز گل کي قانوني نوٽيس اماڻيو ويو آهي، اسان هنن جي هر ڪوڙ جو جواب ڏينداسين ۽ کين عدالت تائين پهچائينداسين، ڪوڙ جي بنياد تي ڏنل بيان به 62 ۽ 63 جي ذمري ۾ اچن ٿا. راڻا مشهود چيو ته شهباز گل ۾ ٿورو به شرم حيا باقي هوندو ته اسان جي قانوني نوٽيس جو جواب قوم جي سامهون رکندو، جيئن اسان توشا خانا ۽ پرڏيهي فنڊنگ جا ثبوت سامهون رکيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان ملڪ ۾ ڪوڙ جي بنياد تي هڪ موقف ٺاهيندو آهي، هن 21 سالن ۾ قوم کي صرف ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ بدتميزي ڪرڻ سيکاريو آهي. هنن عدالت کان درخواست ڪئي ته ڪيسن تي فوري طور فيصلا ڏنا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button