پاڪستان

برساتن ۽ ٻوڏ فصلن کي ساڙي ناس ڪري ڇڏيو، مجموعي طور 481 ارب رپيا نقصان

پاڪستان ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ فصلن ۽ مختلف زرعي جنسن جو ستياناس ڪري ڇڏيو آهي، هيل تائين 481 ارب رپين جي ماليت جا فصل تباهه ۽ برباد ٿي چڪا آهن. ايڪسپريس نيوز مطابق ملڪ ۾ چوماسي جي وسڪارن ۽ ٻوڏ سبب هر طرف تباهي ۽ بربادي جا منظر آهن، ٻوڏ جي نتيجي ۾ فصل ۽ زرعي جنسون به شديد متاثر ٿيون آهن، جنهن سبب ملڪ ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ اگهن ۾ رڪارڊ واڌ جو سلسلو جاري آهي. طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب هيل تائين 481 ارب رپين جا فصل تباهه ٿي چڪا آهن، جن بابت شروعاتي رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي. مليل دستاويز ۽ انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ ٻوڏ ۽ برساتن جي نتيجي ۾ اربين رپين جا فصل، ميوا ۽ ڀاڄيون تباهه ٿي ويون آهن. ٻوڏ سبب ڪپهه، سارين، مڪئي، دالين، پٽاٽن، بصر، ٽماٽن ۽ ٻين ڀاڄين کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، جڏهن ته ڪمند، ڪڻڪ، مرچ، تماڪ، صوف، انگور، ٿوم، ميون، تيلي ٻجن، ڏاڙهون، ٻاجهر ۽ گدرن کي به نقصان پهتو آهي. دستاويز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻوڏ سبب هن وقت تائين 239 ارب 41 ڪروڙ 64 لک رپين جا وونئڻن جا فصل تباهه ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 70 ارب 89 ڪروڙ 44 لک رپين جي ماليت جا سارين جا فصل سخت متاثر ٿيا آهن، بصر جي فصلن کي 31 ارب 91 ڪروڙ 46 لک رپيا نقصان، کجورن جي باغن کي 23 ارب 78 ڪروڙ 70 لک رپين جو ڪاپاري ڌڪ، جڏهن ته 13 ارب 59 ڪروڙ 60 لک رپين جي ماليت جو ٽماٽو تباهه ٿيو آهي. ٻوڏ سبب 20 ارب 56 ڪروڙ 60 لک رپين جو ڪمند، 15 ارب 45 ڪروڙ 50 لک رپين جا مرچ، 8 ارب 85 ڪروڙ 50 لک رپين جون ٻيون ڀاڄيون سڙي ناس ٿي ويون، ان سان گڏوگڏ مڱن جي دال کي هڪ ارب هڪ ڪروڙ 51 ڪروڙ رپيا ۽ دال ماش کي 75 ڪروڙ 51 لک نقصان پهچي چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button