سنڌڙي: گرھوڙ شريف شھر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو، شھري پنهنجو ڪاروبار بند ڪري پاڻي جي ڳولا ۾ دربدر ٿي ويا، شھر ۾ پاڻي جو ڊرم ھڪ ھزار کان 15 سئو رپين تائين وڪرو ٿيڻ لڳو، پر اختيارين نوٽيس نه ورتو. مختلف پاڙن جا مرد ۽ عورتون مٿي تي دلا کڻي 4 کان 5 ڪلوميٽر پري پاڻي ڀرڻ اچڻ تي مجبور آهن. واضع رھي ته برساتن سبب مٺڙائو ڪئنال ۾ پاڻي جي فراھمي بند ھجڻ ڪري دوسو شاخ به ڏيڍ مهيني کان بند آهي، دوسو شاخ مان شهر کي پاڻي ملندو آهي، شاخ بند هجڻ سبب سڄي شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي، واٽر سپلا جا تلا گندي پاڻي سان ڀرجي ويا آھن، شھري صاف پاڻي نه ھجڻ جي ڪري مجبوري ۾ گندو پاڻي واپرائي رھيا آھن، جنهن سبب گيسٽرو ۽ ٻين پيٽ جي بيمارين ۾ وٺجي رهيا آهن، مختلف ڳوٺن ۾ صاف پاڻي نه ھجڻ جي ڪري علائقي واسي پريشان آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close