اسلام آبادپاڪستان

روپوش شخص لنڊن ۾ ويهي ملڪ جا فيصلا پيو ڪري: اسد عمر

اسلام آباد: پي ٽي آئي جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته پي ڊي ايم ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، هي ماڻهو جنهن مقصد لاءِ اقتدار ۾ آيا هئا اهو انهن پورو ڪري ڇڏيو. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته اها ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي جو وزيراعطم هائوس جي اهڙي قسم جون آڊيوز اچي رهيون آهن. اسد عمر چيو ته آڊيو ليڪس ٿي رهيون آهن ته وڌيڪ آڊيو به اچي وينديون ڏسڻو اهو آهي ته ان ۾ ٿيندو ڇا (ن) ليگ جي حڪومت آهي، ان کي اهڙي آڊيو ليڪس جي جاچ ڪرائڻ گهرجي. هن چيو ته هڪ روپوش شخص جيڪو لنڊن ۾ ويٺو آهي، ملڪ جا فيصلا سندس صلاح مشوري سان ٿي رهيا آهن، احتجاجي تحريڪ لاءِ فائنل ڪال جو فيصلو عمران خان پاڻ ڪندو.

هن چيو ته توشه خانه ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن ڇا ڪندو هي (ن) ليگ وارو ئي ٻڌائي سگهي ٿو. اليڪشن ڪميشن تڪراري ٿي چڪو آهي، پابندي پيل فنڊنگ ڪيس ۾ قانون کان مٿانهان جملا وڌا ويا. اسد عمر چيو ته خبر نه آهي ته اسحاق ڊار کي ڪنهن چئي ڇڏيو ته معيشت جو دارومدار ڊالر جي ملهه تي هوندو آهي، هن جڏهن ماضي ۾ ڊالر کي هٿرادو طور ڪنٽرول ۾ رکيو ته اربين ڊالر ضايع ڪيا، اسان جي معيشت کي تباهه ڪيو ويو. هن چيو ته اميد آهي ته اسحاق ڊار کي معيشت تباهه ڪرڻ لاءِ هڪ ٻن هفتن کان وڌيڪ وقت نه ملندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button