پاڪستانسنڌ

دادو شهر گندگي جي ور چڙهي ويو، گندو پاڻي روڊن تي بيٺل

دادو: دادو شهر گندگي جي ور چڙهي ويو، شهر جي مک روڊن تي مين نالا بند ٿيڻ سبب گندو پاڻي روڊن رستن تي بيهجي ويو. مختلف مين روڊن اسٽيشن روڊ، جيسر روڊ، ايس ايس پي آفيس روڊ، موندر ناڪو، پوليس هيڊڪواٽر روڊ، ورڪشاپ روڊ، سيوهڻ روڊ، لاڙڪاڻو روڊ، نوراني چوڪ روڊ، ڌمالي چوڪ روڊ ۽ ڪاليج روڊ سميت ٻين روڊن تي گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيهجي ويو. 200 کان وڌيڪ پاڙن ۽ ڪالونين ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن. ميونسپل ڪميٽي جي پوڻا 3 ڪروڙ ماهوار بجيٽ هجڻ باوجود شهر جي حالت خراب آهي. ان سلسلي ۾ سول سوسائٽي جي نمائندن محمد بخش ڪورائي، اعجاز ملڪاڻي، مجيب پنهور، گلشير سولنگي ۽ ٻين گندگي جو ذميوار چونڊيل نمائندن ۽ ڪامورن کي قرار ڏيندي چيو آهي ته عوام جي بجيٽ تي چونڊيل نمائندن سان ملي ڪامورا هٿ صاف ڪري وڃن ٿا، شهر ڏينهون ڏينهن بدتر ٿيندو پيو وڃي. هنن اعليٰ عدليا کان مطالبو ڪيو ته ڪامورن جي ڪرپشن جو نوٽيس وٺي ڪرپشن ڪندڙ ڪامورن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. ياد رهي ته 21 سيپٽمبر تي مقرر ڪيل ايڊمنسٽريٽر ميونسپل ڪميٽي دادو غلام شبير ڪولاچي 26 سيپٽمبر تي عهدي جي چارج ڇڏي روانو ٿي ويو. ايڊمنسٽريٽر مڪاني ادارن واري سيڪريٽري کي ليٽر لکندي ڄاڻايو ته هو ناگزير حالتن سبب عهدو نه ٿو سنڀالي سگهي. ٻئي طرف ٻوڏ سبب سنڌ حڪومت پاران مختلف کاتن جي بجيٽ ڊي سيز جي اين او سيز کان سواءِ استعمال نه ڪري سگهڻ وارو معاملو به سامهون آيو آهي، آفيس جي هڪ ملازم نالو ظاهر نه ڪرڻ تي ٻڌايو ته هر مهيني پگهارن کانپوءِ 50 کان 60 لک رپيا ڪانٽيجنسي، پيٽرول جي مد ۾ استعمال ڏيکاريا ويندا آهن، ڊي سي دادو پاران رڪارڊ طلب ڪيو ويو، جنهن ۾ 40 لک رپيا صرف پيٽرول جي مد ۾ ڏيکاريا ويا آهن، جنهن تي ڊي سي ميونسپل عملدارن کي خرچ ڪرڻ کان منع ڪندي اين او سي ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي. ملازم موجب 24 وارڊن جو گند کڻڻ لاءِ 24 لوڊر رڪشا آهن، جنهن مان صرف 8 لوڊر رڪشا ڪم ڪري رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button