پاڪستانسنڌ

پ پ حڪومت 15 سالن ۾ سنڌ جو ڊرينيج نظام به ٺاهي نه سگهي:ارباب رحيم

عمرڪوٽ: برسات کي 2 مهينا گذرڻ بعد تحريڪ انصاف اڳواڻ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم برسات متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ عمرڪوٽ پهتو. مالڪاڻي هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي ارباب غلام رحيم چيو ته پ پ حڪومت 15 سالن دوران سنڌ ۾ ڊرينيج جو سسٽم به بهتر ناهي ڪري سگهي، سنڌ جا ماڻهو گٽرن جو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن، هي پنهنجي زمينن مان پاڻي ڪڍي رهيا آهن، ڀارت شڪور ڍنڍ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي، سنڌو سمنڊ جي سطح تي آهي، ان ڪري سڀني صوبن کان هيٺ آهي، ايل بي او ڊي کي هڪ قدرتي لنگهه چيو ويندو آهي، جڏهن ته اهو بند پراڻ ڍنڍ ۽ ڍورن وچ ۾ تعمير ڪيو ويو آهي، پراڻن کي مختلف پاسن کي واڳن بند ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت پاڻي جي نيڪال کي اوليت ڏئي، ماڻهو هاڻ وڌيڪ برداشت نه ڪندا. هن چيو ته سنڌ ۾ زميندارن ۽ هارين جو ٻوڏ سبب تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، حڪومت کي گهرجي ته پاڻي نيڪال جو نظام بهتر ڪري، اسان جي انجنيئرن پراڻي ڪارخانن مان ايل بي او ڊي ڪڍي ڇڏيو. سنڌ کي هٿن سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي ڏيکارڻ لاءِ ٻوڙي وئي، سنڌ حڪومت پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪي به قدم نه کڻي رهي آهي، وفاقي حڪومت پنهنجو ڪردار ادا ڪري، اسان هر طرح جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پر وفاقي حڪومت پنهنجا آڊيو ليڪ ذريعي پول کولي رهي آهي، اسان جي دور ۾ ڪو به ماحولياتي مسئلو نه هو، ڀارت شڪور ڍنڍ واري معاملي تي انصاف جي عالمي عدالت ۾ ويو، پر اسان نه وياسين. هن چيو ته تحريڪ انصاف حڪومت کي ٽرانسجينڊر بل جي ڪري ئي تبديل ڪيو ويو، اهو آمريڪا جي سازش جو حصو آهي، حڪومت جي تبديلي کان پوءِ فيس بڪ کوليو ته توهان کي انڊيا جون فحش وڊيوز نظر اينديون، آصف زرداري بيمار ٿي پيو آهي، اها تبديلي نظر اچي رهي آهي، ڌانڌلي صرف اليڪٽرانڪ مشين ذريعي روڪي سگهجي ٿي، زيرو پوائنٽ ڪٽ جو مسئلو هڪ ئي پارٽي جي ٻن ايم پي ايز جي وچ ۾ تڪرار آهي، جيڪي پنهنجو ووٽ بئنڪ بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. پريس ڪانفرنس دوران صحافي نظر سميجو ارباب غلام رحيم کان سوال ڪيو ته ٻوڏ آئي ماڻهو ٻڏي ويا، توهان هتان 35 هزار ووٽ کڻي ويا، وري اڄ ظاهر ٿيا آهيو، ان سوال تي ارباب رحيم جواب ڏيندي چيو ته ٻوڏ دوران اچان ها ته توهان مون کي چانهه پاڻي به نه پياريو. هن چيو ته پراڻ ڍورو ۽ هاڪڙو صدر ايوب جي زماني ۾ خالي زمين سمجهي ماڻهن کي الاٽ ڪئي وئي، حڪومت چاهي ته ماڻهن کي معاوضوڏئي خالي ڪرائي سگهي ٿي. هن چيو ته عمران خان جي ٽيلي ٿون ذريعي جمع ٿيل فنڊ اڃا سنڌ تائين ناهي پهتو، منصوبو ٺاهيو پيو وڃي. ان موقعي تي اڳوڻو ايم اين اي لال مالهي، سليم مهر، دلاور مالڪاڻي ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button