اسلام آباد : وزيراعظم شهبازشريف مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر ۽ پنهنجي ڀائيٽي مريم نواز کي ايون فيلڊ ريفرنس مان بري ٿيڻ تي وزيراعظم هائوس پهچڻ تي ڳلي لڳايو ۽ مبارڪ ڏني. خميس تي مريم نواز اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ پيش ٿي، عدالت دليل ٻڌڻ کان پوءِ مريم نواز جي خلاف احتساب عدالت جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، جنهن کان پوءِ مريم نواز وزيراعظم هائوس پهتي. وزيراعظم شهبازشريف بري ٿيڻ تي پنهنجي ڀائٽي مريم نواز کي ڀاڪر لڳائي مبارڪ ڏني. ان موقعي تي وزيراعظم مريم نواز کي سندس حوصلي ۽ همت تي داد ڏنو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب مريم نواز جي وزيراعظم هائوس پهچڻ جي وڊيو شيئر ڪري ڇڏي، جنهن ۾ وزيراعظم پنهنجي ڀائٽي سان ڳلي ملي رهيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close