راڌڻ: سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ احمد نواز انقلابي جي اڳواڻي ۾ راڌڻ جي حسيني چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ احمدنواز انقلابي چيو ته سنڌ کي برسات نه پر انتظاميه ٻوڙيو آهي، انتظاميه جي نااهلي سبب سنڌ جا ماڻهو روڊن رستن تي بي سهارا ويٺل آهن، هارين ۽ آبادگارن جا فصل تباهه ٿي ويا آهن، ماڻهن کي کائڻ لا ڪجه ناهي، حڪمران رڳو اخباري بيانن تائين پورا آهن. حقيقي ماڻهن کي ڪجهه ناهي،
وڏيرن ۽ ڀوتارن جي بنگلن تي راشن سامان پيل آهي، ڪرپٽ ڪامورن غريبن لا آيل ٽينٽ به کپائي ڇڏيا، سنڌ يتيم بڻيل آهي. اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته جن غريبن جا اجها ڊهي ويا آهن انهن کي گهر ٻيهر تعمير ڪرڻ لا في خاندان کي 10 لک روپيا ڏنا وڃن، جن غريبن جا فصل تباهه ٿيا انهن جي سروي ڪري انهن کي فصل جو معاوضو ڏنو وڃي، هارين جا سمورا زرعي قرض معاف ڪيا وڃن، هارين ۽ مزدورن کي بنا وياج تي قرض ڏنا وڃن، سنڌ هاري ڪاميٽي جي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ متاثرن کي هن ڏکئي گهڙي ۾ اڪيلو نٿا ڇڏي سگهون. سندن بحالي لا ڀرپور جدوجهد جاري رکنداسين.