پاڪستان

نواز شريف ڏيهه واپسي جو فيصلو ڪري ورتو، وڪيلن کي عدالت سان رجوع ڪرڻ جي هدايت

مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف ايون فيلڊ ريفرنس ۾ پنهنجي ڌي مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن (ر) صفدر جي بري ٿيڻ تي کين مبارڪون ڏيندي پاڻ به ڏيهه واپس ورڻ جون فيصلو تياريون ڪري ڇڏيون آهن، هن پنهنجي وڪيلن کي جلد عدالت سان رجوع ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هاڻي هڪ ڏينهن به ملڪ کان ٻاهر رهڻ ڳرو ثابت ٿيندو. نواز ليگ جي ذريعن موجب اسلام آباد ها ڪورٽ جي ٻڌايل فيصلي جي روشني ۾ نواز شريف وطن واپسي جو فيصلو ڪري ورتو آهي، سندس هدايتن تي قانوني ٽيم جلد عدالت سان رجوع ڪندي. ان کان اڳ نواز شريف پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته آئون جلد پاڪستان واپس وڃڻ چاهيان ٿو، هاڻي پرڏيهه ۾ هڪ هڪ ڏينهن به مون لا ڳرو آهي. هن ايون فيلڊ ريفرنس ۾ بري ٿيڻ تي مريم نواز کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته منهنجي ۽ ڌي مريم خلاف ٺاهيل ڪيس ڪوڙا ۽ سياسي هئا، ڪيسن جو مقصد اسان کي سياست مان ٻاهر ڪڍڻ هو، 2018ع وارين عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان روڪڻ لا تڪڙ ۾ سزا ٻڌائي وئي، هنن جو مقصد هو ته آئون سزا جو ٻڌي وطن واپس نه اچان، جيتوڻيڪ مان پنهنجي بيمار زال کي ڇڏي ڌي سان گڏ گرفتاري ڏيڻ پاڪستان پهتو هئس، خدا اڄ انهن ڪوڙن کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button