پاڪستانسنڌ

ڪڪڙ ڪيڊٽ ڪاليج ۾ هڪ ڏينهن جي مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي

ڪڪڙ: ڪڪڙ ڪيڊٽ ڪاليج ۾ سماجي تنظيم نور احمد فائونڊيشن دادو طرفان هڪ ڏينهن جي مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ ڊاڪٽرن 678 ٻوڏ متاثر مريضن جي چڪاس ڪري مفت ۾ دوائون ڏنيون. جڏهن ته ڪئمپ ۾ وڏو تعداد مليريا جي مريضن جو هو، ڪئمپ ۾ آيل مريضن جي مليريا چيڪ ڪري دوا ڏني وئي،

ان موقعي تي نور احمد فائونڊيشن جي سي او اشفاق احمد ملڪ ٻڌايو ته ڪڪڙ ڪيڊٽ ڪاليج ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب هزارين متاثر ماڻهو ترسيل آھن، ٻوڏ ۽ برسات جو پاڻي بيٺل ھئڻ ڪري هتي مليريا، خارش سميت ڪيترن ئي بيمارين جنم ورتو آھي، ڪئمپ ۾ 678 مريضن جو مفت ۾ چڪاس ڪري دوائون فراهم ڪيون ويون آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button