پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

رپئي جي قدر ۾ واڌ، ڊالر وڌيڪ 2 رپيا 49 پئسا سستو ٿي ويو

ڪراچي: پاڪستان رپئي جي قدر ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ آمريڪي ڊالر سستو ٿي رهيو آهي. ڪالهه پڻ انٽربئنڪ ۾ ڊالر 2 رپيا 49 پئسا سستو ٿيو، ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر 229 رپيا 63 پئسن تي بند ٿيو. واضح رهي ته انٽر بئنڪ ۾ هلندڙ هفتي ڊالر 10 رُپيا 2 پئسا سستو ٿيو آهي. ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 3 رپيا سستو ٿي 230 رپين جو ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button