اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ ڇاتي جي ڪينسر جي وڌندڙ ڪيسن جو نوٽيس وٺندي وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽريز کي طلب ڪري ورتو. ڪالهه سپريم ڪورٽ دل جي مريضن لاءِ اسٽنٽس تي ورتل پاڻمرادي نوٽيس جي شنوائي دوران نوٽيس ورتو، جنهن ۾ عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي سڀني اسپتالن ۾ ڇاتي جي ڪيسنر جي علاج ۽ ٽيسٽ جي سهولت فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت چيو ته ڪنهن سرڪاري اسپتال ۾ ميموگرافي ۽ ڇاتي جي ڪينسر جي علاج جي سهولت نه آهي. سرڪاري اسپتالن ۾ علاج لاءِ عورتن جي پردي جو انتظام به يقيني بڻايو وڃي. ان سان گڏ اهو به يقيني بڻايو وڃي ته سرڪاري اسپتالن ۾ ماهرن تي ٻڌل عملي ۾ عورتون به شامل هجن. عدالت جو چوڻ هو ته عورتن جي اڪثريت خانگي اسپتالن مان مهانگو علاج ڪرائڻ جي سگھه نٿيون رکن ۽ عورتن ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي شروعاتي اسٽيج تي سڃاڻپ لاءِ ڪي به انتظام نه آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close