عالمي

مسجدالحرام ۾ 12 سالن کان ننڍي ڄمار جي ٻارن جي داخلا بند

سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت خانه ڪعبه جي چوڌاري ۽ مسجدالحرام جي احاطي ۾ 12 سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. سعودي حج ۽ عمري واري وزارت طرفان جاري ڪيل هدايت نامي موجب 12 سالن کان ننڍي عمر جا ٻار عمري ۽ نماز جي اجازت نامن واري معيار تي پورا نٿا لهن. وزارت طرفان چيو ويو آهي ته 12 سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن کي ڪلناايپ ذريعي اجازت نامو جاري نه ٿيندو. هدايت نامي موجب ڪوبه ماڻهو اڳواٽ اجازت کان سواءِ مسجدالحرام ۾ داخل نٿو ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button