اسلام آبادپاڪستان

گم ٿيل شهري ڪٿي آهي؟ آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي سيڪٽر ڪمانڊرز عدالت طلب

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل شهري جي بازيابي واري معاملي تي آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي سميت سمورن سيڪٽر ڪمانڊرز کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪالهه چيف جسٽس اطهر من الله اسلام آباد مان گم ٿيل شهري منيب اڪرم جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي شنوائي ڪئي. ان دوران گم ٿيل شهري جي پيءَ عدالت کي ٻڌايو ته سندس پٽ ويهه آگسٽ تي جنگي سيدان واري علائقي مان گم ٿيو. آءِ جي اسلام آباد عدالت جي روبرو پيش ٿي ٻڌايو ته ايف آءِ آر ان ئي ڏينهن ٿي وئي هئي. چيف جسٽس چيو ته اسان کي سڀ خبر آهي، ٻين علائقن جا سي ٽي ڊيز اهلڪار هتي اچي رهيا آهن. اهي ڪنهن جي اجازت سان هتي اچن ٿا ۽ ماڻهن کي کنڀي رهيا آهن، ڇا به ڪيو ڪيئن به ڪيو، ان شهري جي ڳولا ڪريو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شهري کي سومر تائين بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن شهري نٿو ملي ته آءِ ايس آءِ، آءِ بي سميت سمورا سيڪٽرز ڪمانڊرز ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿين. شهري جي بازياب نه ٿيڻ جي صورت ۾ چيف ڪمشنر، گهرو سيڪريٽري، بچاءُ وارو سيڪريٽري پڻ سومر ڏينهن پيش ٿين. آءِ ايس آءِ، آءِ بي، اسپيشل برانچ جي سيڪٽرز ڪمانڊر شهري کي بازياب ڪرائين، اهي سمورا آفيسر تيستائين روزاني بنيادن تي پيش ٿيندا رهندا جيستائين اهو همراهه بازياب نٿو ٿئي. هاءِ ڪورٽ شهري کي سومر تائين بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي شنوائي ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button