وفاقي گهرو وزير راڻا ثنا الله چيو آهي ته تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي تي غور ڪري رهيا آهيون، لانگ مارچ دوران پارليامينٽ عمران خان جي گرفتاري جو فيصلو نه ڪري سگهي هئي، جنهن سبب هو محفوظ رهيو، ڪابينا طرفان جوڙيل ڪميٽي سڄي صورتحال بابت پارليامينٽ کي آگاهه ڪندي، جنهن بعد عمران خان خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويندو. راڻا ثنا الله واضح ڪيو ته آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي جو فيصلو پارليامينٽ جي منظوري بعد ڪيو ويندو، ان حوالي سان سومر جي ڏينهن مشاورت مڪمل ڪئي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close