
مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته آڊيو ليڪ ٿيڻ عمران خان ۽ سندس ڪوچ جو ڪارنامو آهي ۽ ڪوچ ڪير آهي، اهو سڀ ڄاڻين ٿا، مون کي پنهنجي حڪومت کان اها شڪايت آهي ته عمران اڃا تائين جيل جي ڪال ڪوٺڙي ۾ ڇو ناهي، جنهن ماڻهو کي گرفتار هجڻ گهرجي ها اهو آزاد ۽ سرعام گهمي رهيو آهي، قانون جا هٿ سندس ڳچي تائين ڇو نٿا پهچن؟ لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته عمران خان خلاف ڪيس ڪوڙا نه آهن پر هن جيڪو ڪجهه ڪيو آهي ان ڏوهه جي بنياد تي مٿس ڪيس داخل ٿيڻ گهرجن، راڻا ثنا الله کي چوڻ چاهيان ٿي ته بني گالا تي به ڇاپو لڳڻ گهرجي، جيڪڏهن آمريڪين اڳوڻي صدر ٽرمپ جي گهر تي ڇاپو هڻي اهم دستاويز هٿ ڪيا آهن ته اهڙي نموني سائفر جي ڳولا لا بني گالا تي به ڇاپو لڳڻ گهرجي ته جيئن اهو پتو پئجي سگهي ته اصل خط ڪهڙو هو. هن چيو ته آڊيو کي جيترا دفعا به ٻڌندا، توهان کي خبر پوندي ته ملڪ سان ڪيڏي وڏي راند کيڏي وئي، ن ليگ جون ڪيتريون به آڊيو ليڪس اچن پر انهن ۾ ملڪ خلاف ڪا ڳالهه نه هوندي، نواز ليگ پاڪستان جي سلامتي تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪندي، عمران خان هن صدي جو سڀ کان وڏو ڪوڙو ماڻهو آهي، سازش جو ماسٽر مائنڊ به فتنو عمران خان آهي، اها رڳو سازش ناهي اها ٽيمپرنگ ٿي آهي، هن سوچيو ته ٽرانسڪرپٽ جي ماڻهن کي ڪهڙي خبر، تنهن ڪري سازش ڪري ڇڏجي، عمران پاڪستان جي ڳجهن دستاويزن سان جعلسازي ڪئي آهي. مريم چيو ته وزيراعظم شهباز شريف مون کي ٻڌايو آهي ته هاڻي ڪو به ملڪ پاڪستان کي خط لکڻ لاءِ تيار ناهي، ٻيا ملڪ ڳالهائڻ کان ڊڄن ٿا ته متان وري ڪجهه ليڪ نه ٿي وڃي، ليڪ ٿيل آڊيو عمران خان خلاف فرد جرم آهي، سائفر جي ڪاپي وزيراعظم هائوس مان گم آهي، عمران وزيراعظم هائوس مان ويندي ويندي منرل واٽر جون ٻه هزار بوتلون به پاڻ سان گڏ کڻي ويو، بني گالا تي ڇاپو هڻي سائفر هٿ ڪيو وڃي.