پاڪستان

گڏيل قومن کان وڌيڪ 60 ڪروڙ ڊالرن جي امداد گهرڻ جو فيصلو

وفاقي حڪومت ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ ۽ متاثرن جي بحالي لاءِ گڏيل قومن کان وڌيڪ 60 ڪروڙ ڊالرن جي امداد گهرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، گڏيل قومن کان انساني همدردي تحت مدد جي اپيل ڪئي ويندي. حڪومتي ذريعن موجب اقتصادي معاملن واري وزارت گڏيل قومن کان 60 ڪروڙ ڊالر اضافي امداد لاءِ درخواست ڪندي، اها رقم ٻوڏ سبب متاثر ٿيل علائقن ۾ خوراڪ، پناهه گاهن ۽ طبي سهولتن جي فراهمي تي استعمال ڪئي ويندي. ذريعن موجب ٻوڏ بابت تيار ڪيل حتمي رپورٽون 15 آڪٽوبر تائين گڏيل قومن کي ڏنيون وينديون ۽ کين متاثر ٿيل علائقن ۾ پاڻي سبب ڦهلجندڙ بيمارين بابت پڻ آگاهه ڪيو ويندو. اقتصادي معاملن واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو ته گڏيل قومن جو ادارو هن وقت تائين 16 ڪروڙ ڊالرن جي امداد فراهم ڪري چڪو آهي، جڏهن اضافي رقم ملڻ جي صورت ۾ مجموعي امداد 76 ڪروڙ ڊالر ٿي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button