
ڇاڇرو: ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ ساڪري ۾ ننڍي عمر جي ڇوڪري کي مبينا طور وڪرو ڪري پيرسن شخص سان پرڻائڻ لاءِ رٿيل شادي وارو معاملو ميڊيا ۾ اچڻ بعد ڇوڪري جي ٻن چاچن چنيسر سميجو ۽ علي نواز سميجو جا وڊيو بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويا آهن، جنهن ۾ ڇوڪري جي پي عبدالستار سميجو جو وڏي ڀاءُ چنيسر سميجو چوي ٿو ته منهنجو ڀاءُ عبدالستار لالچ ۾ اچي پنهنجي ننڍي عمر جي نابالغ نياڻي کي 70 سالن جي پيرسن کي وڪرو ڪيو آهي، نينگري جو اصل نالو نيامت آهي، جنهن جي عمر 13 سال آهي. ٻيو ڀاءُ علي نواز سميجو چوي ٿو ته منهنجو ڀاءُ عبدالستار ٽن سالن کان اسان جي ڳوٺ مان لڏي ساهورن جي ڳوٺ ساڪري ۾ رهي پيو، ڀا چرئي قسم جو ماڻهو آهي، جنهن زال جي مائٽن جي چوڻ تي معصوم نياڻي کي پئسن عيوض وڪرو ڪيو، نياڻي کي ننڍي عمر جي آهي، کيس خبر ئي ناهي ته ان کي پي جيڏي عمر جي شخص سان پرڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ڇوڪري جي چاچن ڊي آئي جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس ٿرپارڪر کان مطالبو ڪيو ته اسان پنهنجي 13 سالن جي ڀائٽي کي 70 سالن جي پيرسن سان نٿا پرڻائڻ چاهيون، پوليس ۽ بااثرن جو دٻاءُ آهي، اسان سان انصاف ڪري معصوم نياڻي جي زندگي تباھه ٿيڻ کان بچائي وڃي. هنن گهر ڪئي ته اعلى اختياريون نوٽيس کڻي ڀائٽي امينت کي تحفظ فراهم ڪن. هوڏانهن کينسر ٿاڻي جي ايس ايڇ او غلام علي جو چوڻ آهي ته ڇوڪري جي حفاظت لاءِ ڇوڪري جي گهر اڳيان پوليس جي پڪٽ قائم ڪري 3 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا آهن.