لاهور: پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز جو پاسپورٽ ملڻ کانپوءِ لنڊن وڃڻ جو امڪان آهي. مريم نواز هن مهيني ئي لنڊن رواني ٿيندي، جنهن لاءِ ٻن ڌار ڌار اڏامن جون ٽڪيٽون بُڪ ڪرايون وينديون. خانداني ۽ پارٽي ذريعن موجب لاهور هاءِ ڪورٽ مان پاسپورٽ واپس ملڻ جو شروعاتي فيصلو اچڻ بعد مريم نواز لنڊن روانگي جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ڇو ته اي سي ايل مان نالو نڪرڻ ۽ هاڻي پاسپورٽ واپس اچڻ بعد سندس پرڏيهه وڃڻ جون قانوني گهرجون پوري ٿي ويون آهن.
مريم نواز جي پاسپورٽ تي اڳ ۾ ئي برطانوي ويزا موجود آهي. مريم نواز جي لنڊن وڃڻ لاءِ ٻه الڳ الڳ اڏامون جلد بُڪ ڪرائڻ جو پڻ امڪان آهي. مريم نواز جو پاسپورٽ اربع تي واپس ملڻ جو امڪان آهي. خانداني ذريعن موجب مريم نواز لڳ ڀڳ 3 سالن کانپوءِ پنهنجي والد سان ملاقات ڪندي، جڏهن ته هوءَ 5 سالن کانپوءِ پنهنجي ڀائرن سان ملندي. مريم نواز پنهنجي والد نواز شريف جي عيادت ۽ سرجري ڪرائڻ لاءِ لنڊن وڃڻ چاهي پئي پر پاسپورٽ نه هجڻ سبب اهو ممڪن نه ٿي سگهيو. جنهن سبب مريم نواز لنڊن ۾ پنهنجي اڪيلي پٽ جنيد صفدر جي شادي جي تقريب ۾ به شرڪت نه ڪري سگهي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مريم نواز پنهنجي والد کي جلد کان جلد وطن واپس اچڻ تي راضي ڪندي.