عالمي

ايران ۾ احتجاج دوران مارجي ويلن جو انگ 133 ٿي ويو

تهران: ايران ۾ پوليس جي حراست ۾ ڇوڪري جي مارجڻ واري واقعي خلاف احتجاج دوران مارجي ويلن جو انگ 133 ٿي ويو آهي، جڏنهن ته ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي پوليس جي حراست ۾ مهسا اميني جي موت تي سڄي ملڪ ۾ جاري احتجاج خلاف سيڪيورٽي فورسز طرفان طاقت جي استعمال جي حمايت ڪئي آهي. ايران جي انساني حقن واري گروپ موجب مظاهرو ڪندڙن خلاف سيڪيورٽي ڪريڪ ڊائون ۾ مارجي ويلن جو انگ 133 ٿي ويو آهي. انساني حقن جي گروپ موجب زاهدان شهر ۾ جمعي ڏينهن تي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ جهڙپن ۾ 41 ماڻهو، جڏهن ته ملڪ جي ٻين شهرن ۾ مظاهرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ 92 ماڻهو مارجي چڪا آهن. انساني حقن جي گروپ طرفان ڪريڪ ڊائون کي انسانيت خلاف ڏوهه قرار ڏيندي عالمي برادري کان ان ڏوهه کي روڪڻ ۽ ان جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف عرب نيوز موجب ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ احتجاج کي طاقت جي زور تي ڪچلڻ جي عمل جي حمايت ڪندي سيڪيورٽي فورسز جي حوصلا افزائي ڪئي آهي. ايران جي سپريم ليڊر جو چوڻ آهي ته احتجاج جي آڙ ۾ ڪجهه ماڻهن روڊن تي عدم تحفظ جو ماحول پيدا ڪيو آهي، قانون کي هٿ ۾ کنيو ويو آهي، هي ملڪ ۾ افراتفري پکيڙڻ جي سازش آهي، جنهن پٺيان آمريڪا ۽ اسرائيل جو هٿ آهي. آيت الله خامنه اي وڌيڪ چيو ته پوليس سميت اسان جي سيڪيورٽي فورسز جو فرض آهي ته ايراني قوم جي حفاظت کي يقيني بڻائين پر پوليس تي حملا ڪندڙ ايراني شهرين کي چورن، ڌاڙن ۽ ڀتا خورن جي رحم ڪرم تي ڇڏڻ چاهين ٿا. هن چيو ته ايران مخالف ايجنٽ پيسا وٺي احتجاجي مظاهرا ڪري رهيا آهن. خامنه اي وڌيڪ چيو ته 22 ورهين جي مهسا اميني جي مرڻ سان مون کي دلي صدمو پهتو آهي، اهو تمام خراب واقعو ٿيو آهي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو روڊن تي غير محفوظ ماحول پيدا ڪري رهيا آهن ۽ سوچيل سمجهيل طريقي سان بدامني ڦهلائي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button