لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ شوگر ملز ڪاروبار ذريعي 24 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ مونس الاهي خلاف ايف آءِ اي ۾ داخل ڪيس خارج ڪري ڇڏيو. عدالت مونس الاهي جي درخواست منظور ڪندي وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) ۾ داخل مني لانڊرنگ جو ڪيس خارج ڪيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اسجد جاويد گهرال مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ مونس الاهي جي درخواست تي شنوائي ڪئي، مونس الاهي جي وڪيل امجد پرويز دليل ڏيندي چيو ته نيب انهي ئي نوعيت جي ڪيس جي جاچ ڪئي هئي، بعد ۾ اهو ڪيس بند ڪيو ويو هو. هي سياسي ڪيس آهي، مونس الاهي جا سمورا اثاثا ظاهر ڪيا ويا آهن، مونس الاهي جي وڪيل امجد پرويز دليل ڏيندي چيو ته ان ڪيس ۾ بينڪ، نجي ادارو يا ٻيو ڪو به جوابدار ناهي، نه ئي ڪنهن فرد کي نقصان پهتو ۽ نه ئي قومي خزاني کي ڪو نقصان پهتو، موجوده حڪومت دٻا وڌائڻ لا اهو سياسي ڪيس بڻايو.
هن وڌيڪ چيو ته پوليٽيڪل انجنيئرنگ لاءِ دٻاءُ آندو پيو وڃي. عدالت سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته هي اين او سي جي ڪارروائي جو معاملو آهي ان کانسورا ڪهڙا دليل آهن. جنهن تي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ڪيس جي جاچ بئنڪنگ ايڪٽ جي سيڪشن 10 تحت ٿي سگهي ٿي. سرڪاري وڪيل چيو ته نيب وانگر بينڪنگ ڪيسن جي شنوائي سنگل بينچ بدران 2 رڪني بينچ ڪري سگهي ٿي. سرڪاري وڪيل دليل ڏيندي چيو ته مونس الاهي جي ڪيس جو چالان ٽرائل ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ويو آهي، اهو ڪيس عدالتي حڪمن جي روشني ۾ داخل ڪيو ويو آهي. درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جهانگير ترين خلاف به ڪيس داخل ڪيو ويو هو پر اڄ تائين ان ڪيس جو چالان پيش نه ٿي سگهيو آهي، مونس الاهي جو چالان جمع ڪرايو ويو آهي، تفصيلي دليل ٻڌڻ کانپوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلو محفوظ ڪندي ايف آءِ اي ۾ داخل مني لانڊرنگ ڪيس کي خارج ڪري ڇڏيو.