اسلام آبادپاڪستان

عمران جي ڪوڙين پاليسين ملڪي معيشت تباهه ڪري ڇڏي:وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته عمران خان هن ڌرتي تي سڀ کان وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائڻ وارو شخص آهي جيڪو اقتدار کسجي وڃڻ کان پوءِ معاشري ۾ نفرت جو زهر وجهي رهيو آهي. عمران خان جي ڪوڙ ۽ دوکي تي ٻڌل پاليسين ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي عالمي اڳواڻن جي عمران خان بابت خيال ٻڌي حيران ٿي ويو. هن دوست ملڪن سان لاڳاپن کي بي سبب نقصان پهچايو. نومبر ۾ چين جو دوروڪندس. برطانوي اخبار دي گارڊين کي انٽرويو ۾ وزيراعظم شهبازشريف چيو ته عمران خان پنهنجي ذاتي ايجنڊي لاءِ ڪرپشن جي خاتمي کي پنهنجي منشور بڻائي پيش ڪيو پر هو پاڪستاني تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ اڻ تجربيڪار، خود پسند انا پرست سياستدان ثابت ٿيو. هن چيو ته ليڪ ٿيندڙ آڊيوز سان ان ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي ته عمران خان هن ڌرتي تي سڀ کان وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائيندڙ شخص آهي. اها ڳالهه مان خوشي وچان نه پيو چوان پر هي اسان جي لاءِ شرمساري ۽ ڳڻتي جو سبب آهي ڇو ته عمران خان جي ذاتي ايجنڊا ۽ مقصدن لاءِ ڳالهايل ڪوڙ سان اسان جي ملڪ جي وقار کي نقصان رسيو آهي. وزيراعظم چيو ته هو ان کان اڳ ڪڏهن به ملڪ جي مستقبل جي حوالي سان پريشان نه هو. عمران خان معاشري ۾ ايڏي نفرت ۽ زهر ڀري ڇڏيو آهي جيڪو هن کان اڳ نه هو هو حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري ٿو ۽ معاشري ۾ نفرت پکيڙي ٿو. وزيراعظم پاڪستان جا ٻين ملڪن سان لاڳاپا ٻيهر قائم ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي ڪوششن تي ڳالهائيندي چيو ته هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ان وقت حيران ٿي ويو، جڏهن ته ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن ان سان ملاقات وقت عمران خان جي رويي جو ذڪر ڪيو. ڪيترن ئي اڳواڻن مون کي عمران خان جي شخصيت جي حوالي سان ذاتي طور تي آگاهه ڪيو ته (عمران خان ڪوڙو ۽ خود پسند هو) شهبازشريف چيو ته عمران خان آمريڪا سان پاڪستان جي لاڳاپن کي بي سبب نقصان پهچايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button