ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ جي ترجمان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌي ادبي بورڊ طرفان سنڌ جي نقشي وارو لوگو سنڌ امڙ سان محبت وچان ۽ پوري دنيا ۾ سنڌ جي نقشي کي پروموٽ ڪرڻ لا ڪيو ويو ۽ جيڪي ڌريون ان کي مذهبي رنگ ڏيئي رهيون آهن اهو بلڪل غلط آهي. سنڌ جي ثقافت اسان کي اوتري ئي پياري آهي، جيتري اسان کي پنهنجي سنڌ امڙ آهي. موهن جو دڙو توڙي سنڌ جي ٻين تهذيبي ماڳن تان هٿ آيل تاريخي مُهرون ۽ ٻيون سموريون ثقافتي ۽ تهذيبي نشانيون اسان لا بيحد اهميت ۽ محبت لائق آهن.
ساڳي ريت حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح، حضرت سچل سرمست رح سميت سمورن صوفي شاعرن ۽ انهن جي درگاهن جو اسان بيحد احترام ڪريون ٿا. اسان کي سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ پيدا ٿيل بيچيني جو احساس آهي پر اسان آگاهه ڪرڻ چاهيون ٿا ته ادارو لوگو مٽائڻ جو مڪمل اختيار رکي ٿو. هن اشو کي هروڀرو مذهبي رنگ ڏيئي، ڪجهه ڌريون سنڌ جي هڪ قومي اداري کي نقصان رسائڻ چاهين ٿيون.