پاڪستان

اسلام آباد ۾ قلم 144 لاڳو ڪرڻ خلاف تحريڪ انصاف جي درخواست رد

اسلام آباد:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شهر ۾ قلم 144 جي قانون خلاف تحريڪ انصاف جي درخواست ناقابل شنوائي قرار ڏيندي خارج ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪندي قانون جي قلم 144 خلاف تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر جي درخواست خارج ڪري ڇڏي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 5 صفحن تي ٻڌل لکت واري فيصلي ۾ چيو آهي ته درخواستگذار ريلي يا احتجاج ڪرڻ چاهي ٿو ته سپريم ڪورٽ جي جوڙيل اصول ۽ قانون مطابق لاڳاپيل اختيارين سان اجازت لاءِ رابطو ڪري. ان کان اڳ عدالت ۾ اسد عمر جي درخواست جي شنوائي ٿي. اسد عمر عدالت کي ٻڌايو ته ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ 2 مهينن جي لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو جيڪو قانون جي خلاف آهي ان تي عدالت پڇيو ڪيو ته اوهان ڪهڙي طرح متاثر ٿيا آهيو؟ اوهان کي ڪهڙي ڳالهه کان روڪيو ويو آهي؟ ان تي تحريڪ انصاف جي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته اسان اهڙي صورتحال ۾ ريلي نٿا ڪڍي سگهون. جسٽس اطهر من الله چيو ته احتجاج يا ريلي ڪڍڻ جو طريقو هوندو آهي جنهن جي لاءِ اجازت وٺڻي پوندي آهي، ڌرڻي واري ڪيس جو هڪ ٻيو فيصلو به موجود آهي. اوهان اهو پڙهيو آهي؟ هن پارٽي جي ٻن صوبن ۾ به حڪومت آهي ڇا اتي ڪڏهن قلم 144 لاڳو ناهي ڪيو ويو. امن امان جو معاملو ايگزيڪٽو کي ڏسڻو هوندو آهي جنهن ۾ عدالت ڪڏهن به مداخلت نٿي ڪري سگهي. اسد عمر جي وڪيل چيو ته هي هڪ سياسي پارٽي جي نه اڳوڻي ايم اين اي جي درخواست آهي ان تي جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته هي اڳوڻي اسيمبلي ميمبر جي درخواست ناهي پر پٽيشنر هن وقت به قومي اسيمبلي جو ميمبر آهي جيستائين استعيفيٰ منظور نٿي ٿئي تيستائين هو اسيمبلي جو ميمبر رهندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ هن پارٽي جون حڪومتون آهن. اوهان پهريان انهن صوبن ۾ وڃي اهو قانون اسيمبلين مان ختم ڪرايو. صوبائي اسيمبلين مان قانون ختم ڪرائي پوءِ هتي اچو. جنهن کان پوءِ عدالت شهر ۾ قلم 144 جي قانون خلاف تحريڪ انصاف جي درخواست شنوائي جوڳي هجڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو پوءِ جاري ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button