پاڪستان

آڊيو ليڪس جي سچائي جي جاچ لاءِ عدالت وڃڻ جو ارادو رکون ٿا: عمران خان

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته آڊيو ليڪس ذريعي پاڪستان جي قومي سلامتي جي رازداري کي عالمي سطح تي وائکو ڪيو. ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ بيان ۾ آڊيو ليڪس واري معاملي تي ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته وزيراعظم طور منهنجي فون جي محفوظ لائين بگ ڪئي وئي، آڊيو ليڪس قومي سلامتي جي سنگين ڀڃڪڙي آهن. عمران خان آڊيو ليڪس کي وزيراعظم آفيس ۽ وزيراعظم هائوس جي سيڪيورٽي لاءِ سواليا نشان قرار ڏيندي چيو ته اسان ليڪس جي سچائي جي جاچ لاءِ عدالت وڃڻ جو ارادو رکون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي آءِ ٽي جوڙڻ جو به ارادو پڻ رکون ٿا ته جيئن جاچ ڪري سگهجي ته ڪهڙي انٽيليجنس ايجنسي رڪارڊنگ جي ذميوار آهي ۽ ڪير اهي آڊيوز جاري ڪري رهيو آهي.” هن چيو ته اهو انڪري اهم آهي جو حساس سيڪيورٽي معاملا غيرقانوني طريقي سان رڪارڊ ۽ پوءِ وري هيڪ ٿيا. عمران خان چيو ته آڊيو ليڪس سان پاڪستان جي قومي سلامتي جي رازداري کي عالمي سطح تي وائکو ڪيو ويو آهي. اڳوڻي وزيراعظم آڊيوز تي شڪ جو اظهار ڪندي چيو ته انهن مان ڪيتريون ئي ايڊيٽڊ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button