مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي سزا ڏياري وئي، ڪوڙن ڪيسن ۾ وزارت اعظميٰ جي عهدي تان هٽائڻ، تاحيات نااهل ڪرڻ ۽ پارٽي صدارت تان هٽائڻ ڪو عدالتي فيصلو نه پر انتقام آهي، منهنجي تاحيات نااهلي سپريم ڪورٽ مان ٿي ۽ هاڻي چيو پيو وڃي ته هي ڪارو قانون ۽ ظلم آهي، ته پو ان جو ازالو ڪير ڪندو؟ جن ججن ناانصافيون ڪيون، انهن کان حساب وٺڻ گهرجي، توهان کي بدلو وٺڻو هو ته مون کان وٺو ها، سڄي پاڪستان جي نظام کي ڇو ويهاريو ويو. اهڙو اظهار هن لنڊن ۾ ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ڪيو آهي. نواز شريف چيو ته اسان کي 5 ارب ڊالر پليٽ ۾ رکي ڏنا ويا پر اسان ايبسليوٽلي ناٽ چيو، پاڪستان جي عزت تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي، ماڻهو منهنجي زال جي بيماري جو مذاق اڏائي رهيا هئا، جڏهن منهنجي زال ۽ مريم جي ماءُ بستري تي هئي ته اسان سان ظلم ڪيو ويو، مون درخواست ڪئي هئي ته منهنجي زال بيمار آهي ته فيصلو هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪيو وڃي، هڪ هفتي بعد پاڪستان ايندس پر نيب جي جج منهنجي درخواست قبول نه ڪئي، ڇا انهن ماڻهن جي سيني ۾ دل ناهي؟ سڀني ڏکياين باوجود پاڪستان وڃڻ جو فيصلو ڪيو، خدا جو شڪر آهي ته منهنجي ڌيءَ مريم اڄ مون سان گڏ بيٺي آهي، منهنجي ماءُ پنڊي واري جيل ايندي هئي ۽ مون کي چوندي هئي ته تنهنجي بغير واپس نه وينديس، هو پوليس وارن کي چوندي هئي ته مان به هن سان رهنديس، مون کي هتي رهڻ ڏيو، مريم نواز ثابت ڪيو ته ڪيس ڪوڙو هو ۽ سزا به غلط هئي، اسان کي ڪوڙو ڪيس ڪري جيل ڇو وڃڻو پيو؟ هڪ پاڪستاني جي حيثيت سان، مون کي اهو سوال پڇڻ جو حق آهي. نواز شريف وڌيڪ چيو ته ڪجهه قومي معاملا اهڙا آهن جن جو تاريخ ۾ اسان ڪڏهن حساب نه ڏئي سگهنداسين، انهن سڀني جو ڪنهن کي ته حساب ڏيڻو پوندو. عمران خان انتقام وٺندي وٺندي پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان پهچايو ۽ ملڪ کي بيساکين تي بيهاريو، عمران خان پاڻ سڀ کان وڏو سازشي آهي، هن جو هڪ هڪ ڪرتوت قوم جي سامهون اچي رهيو آهي، هي مڪافات عمل آهي هاڻي قوم کي ڪهڙو جواب ڏيندو، مان عمران خان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته تنهنجي دور ۾ اهي ڪم ٿيا جيڪي ان کان پهرين ڪڏهن به نه ٿيا هئا، اسان سان عمران خان جي حڪومت ۾ ظلم ڪيو ويو، جڏهن اسان جي حڪومت هئي ته پاڪستان ترقي ڪري رهيو هو، دنيا جي معاشي قوت بڻجي رهيو هو، ڊالر 100 رپين جو هو، روزمره جي استعمال جون شيون سستيون هيون، لوڊشيڊنگ جو خاتمو اسان ڪيو، پاڪستان ۾ موٽر ويز ٺهي رهيا هئا، ملڪ ۾ خوشحالي اچي رهي هئي، ماڻهن کي روزگار ملي رهيو هو، نوجوانن جو مستقبل روشن هو، دهشتگردي جو خاتمو ڪيو ويو هو. ملڪ کي هڪ پرامن ملڪ بڻايو. جنهن کان پوءِ اسان هڪ هڪ ارب ڊالرن لاءِ ٻين ملڪن کان خيرات وٺندا رهياسين. ڪهڙو غيرتمند ملڪ اهو برداشت ڪري سگهي ٿو، اسان پاڪستان جي اها خدمت ڪئي آهي جيڪا ڪڏهن به ڪنهن به ناهي ڪئي. هن چيو ته عمران خان اچي سڀ ڪجهه بگاڙي ڇڏيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close