اسلام آباد:موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته اسان جون ٻهراڙي واريون عورتون ملڪ جي ترقي ۽ معيشت ۾ برابر جون حصيدار آهن. ٻهراڙي وارين عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان سميت سڄي دنيا جي ٻهراڙي وارين عورتن کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿي. گذريل ڏينهن ٻهراڙي وارين عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ شيري رحمان چيو ته پاڪستان جي ڪل آبادي جو 49 سيڪڙو حصو عورتن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ ٻهراڙي وارين عورتن جو تعداد 7 ڪروڙ 14 لک کان وڌيڪ آهي. اسان جي ٻهراڙي واريون عورتون ملڪ جي ترقي ۽ معيشت ۾ برابر جون شراڪتدار آهن. ٻوڏ سبب اسان جون بهادر ٻهراڙي واريون عورتون سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيون آهن. ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر آبادي جو 70 سيڪڙو عورتن ۽ ٻارن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب 345 عورتون فوت ۽ 3452 زخمي ٿيون آهن. ماحولياتي تبديلي جي اثرن سبب سڀ کان وڌيڪ ٻهراڙي جي عورت متاثر ٿيندي آهي. اسان کي تعليم سان گڏ ٻهراڙي جي عورتن کي ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان آگاهي ۽ زراعت جي جديد طريقن جي معلومات پڻ فراهم ڪرڻي آهي. شيري رحمان چيو ته ٻهراڙي جي عورتن جي ترقي م ملڪ جي ترقي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close