پاڪستانسنڌ

ورڪشاپ ۾ منگلي پوليس ۽ قبضا مافيا خلاف مظاهرو

ورڪشاپ: منگلي ٿاڻي جي حد چڪ 36 جي رهواسي بگٽي برادري جي ماڻهن منگلي پوليس جي زيادتين ۽ قبضا مافيا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي حاجي منز علي بگٽي، دلشاد بگٽي، غلام رسول بگٽي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته چڪ 36 ۾ اسان جي زمين تي عيسائي ڌر جي ماڻھن قبضو ڪري هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن، جن چار ڏينهن اڳ اسان جي ماڻھن تي حملو ڪري هڪ ڄڻي کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ٻن ماڻهن کي زخمي ڪيو. واقعي جو ڪيس اسان منگلي ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي، پر پوليس مک جوابدارن کي گرفتار بدران پروٽوڪل ڏيڻ ۾ مصروف آهي. هنن وڌيڪ چيو ته پوليس قبضامافيا جي ڌر بڻجي خونريزي ڪرائڻ چاهي ٿي، پوليس اسان جي ماڻھن تي پريشر وجهي ڳوٺ خالي ڪرائڻ چاهي ٿي، جيڪا ناانصافي آهي. هنن ڊي آئي جي شهيد بينظيرآباد ۽ ايس ايس پي سانگهڙ کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button