
سانگھڙ: پاڪستان ٽيسٽنگ سروس ذريعي پاس ٿيندڙ 50 کان وڌيڪ عورت اھلڪارن کي ايس ايس پي سانگھڙ ڊاڪٽر فرخ علي لنجار طرفان جوائننگ آرڊر ڏنا ويا. ان موقعي تي ايس ايس پي سانگھڙ چيو ته ضلعي سانگھڙ ۾ ليڊي پوليس اھلڪارن جي تمام گهڻي کوٽ آهي، ان ڪري اسان کي خاص ڪري عورتن جي معاملي ۾ ڏاڍيون ڏکيائون پيش اچن ٿيون، نياڻين جي ڀرتي سان ڪافي مدد ملندي. جوائننگ آرڊر ورهائڻ دوران ڊي ايس پي سانگھڙ محمد آصف آرائين موجود ھو.