ننگرپارڪر (رپورٽ: سليم کوسو) ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سردار علي شاهه چيو آهي ته آزادي لاءِ وڙهندڙ روپلو ڪولهي تي ناول لکجي سگهجي ٿو ۽ فلم به ٺاهي سگهجي ٿي، جيڪڏهن ڪير فلم ٺاهڻ چاهي ته آئون مڪمل تعاون ڪندس، ويرجي ڪولهي ڪتاب لکي سٺو ڪم ڪيو آهي، اڃا تحقيق ٿيڻ کپي ۽ ڪتاب انگريزي ۾ ترجمو ٿيڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن ڪارونجهر جبل تي امر روپلو ڪولھي يادگار جي افتتاح ۽ ويرجي ڪولھي پاران روپلو ڪولھي تي لکيل ڪتاب جي مھورتي تقريب کي خطاب دوران ڪيو. ڪتاب جو مهورت پڻ صوبائي وزير سردار شاھه ڪيو. ان موقعي تي تقريب ۾ ايم پي اي قاسم سراج سومرو، پ پ جي ضلعي صدر انجنيئر گيانچند، سنييٽر ڪرشنا ڪماري، ڪريم ڏنو دل، سردار کوسو، سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين اسحاق سميجو، مدد علي سنڌي، نصير مرزا، ڀارومل آمراڻي، خليل کوسو، امام جنجھي، خليل ڪنڀار ۽ ٻين شرڪت ڪئي. صوبائي وزير سردار علي شاهه چيو ته انگريز ڌرتي لا وڙهندڙ شهيد شادي خان کوسو کي ڌاڙيل لکي ويا، اهڙي طرح آزادي لاءِ وڙهندڙ روپلو ڪولهي تي ويرجي ڪتاب لکي سٺو ڪم ڪيو آهي، اڃا تحقيق ٿيڻ کپي ۽ ڪتاب جو انگريزي ۾ ترجمو ٿيڻ گهرجي، پيپلز پارٽي روپلو ڪولهي جي راڄ جي راڻي ڪرشنا ڪماري کي سينيٽ ۾ نمائندگي ڏني، جيڪا پيڙهيل طبقي جي نياڻي آهي، روپلو به پيڙهيل طبقي سان تعلق رکندڙ هو، ڪارونجهر جبل ڪٽيندڙن خلاف ايف آ آر داخل ٿيڻ گهرجي ۽ انھن جا نالا سامھون آندا وڃن، آئون پاڻ انھن تي ايف آ آر داخل ڪرائيندس، ھن وڌيڪ چيو ته ھاڻ منھنجي جيڪا به اسڪيم ايندي انھي ۾ ننگرپارڪر لا گرلز ھاسٽل پھرين ترجيح طور شامل ھوندي. خليل ڪنڀار چيو ته ڪارونجهر جي ڪٽائي ٿي رهي آهي ڪير به مڃڻ لا تيار ناهي ڊيمن جي ڪم ۾ ڪارونجهر جو پٿر استعمال ڪيو پيو وڃي، ٺيڪيدار کان پڇا ڪئي وڃي ته ڪير پيو ڪارونجهر جو قتل ڪري، الهرکيو کوسي چيو ته مقامي ماڻھن کي ڳڙ جون اڱريون چٽائي ھر طريقي سان لالچ ڏئي ڪارونجهر جي فطرتي سونهن کي سرعام اجاڙيو پيو وڃي، ڪارونجهر جون پهاڙيون نه هونديون ته پو ڊيمن ۾ پاڻي ڪٿان ايندو اسان مسلسل دانهون ڪري رهيا آهيون ته ڪارونجهر اسان جي نسلن جي سڃاڻپ آهي، ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏنو وڃي. ڀارومل آمراڻي چيو ته ھن ڪتاب جي اھميت ان ڪري به وڌيڪ آھي ته ھي ڪتاب ويرجي ڪولھي لکيو آھي، ويرجي ساڳئي ڳوٺ جو آھي جتي روپلي جنم ورتو، ويرجي روپلي جي تسلسل کي اڳتي آندو آھي، ھاڻي اسانکي روپلي سان گڏ ان تحريڪ جي سمورن ڪردارن تي لکڻ گهرجي. خليل کوسي چيو ته ويرجي ڪولھي امر روپلي تي تحقيق سان ڪتاب لکيو آھي. قاسم سراج سومري چيو ته روپلو ايندڙ نسل لاءِ ڌڳ آھي، روپلي جھڙن ڪردارن کي درسي ڪتابن ۾ جڳھه ڏني وڃي، ڌرتيءَ سان محبت جا ڪھڙا طريقا ٿي سگھن ٿا ان جي ذميواري اسان جي مٿان آھي، ھتان جي ماڻھن مون کي چونڊي اسيمبلي ۾ موڪليو، انڪري مون تي اھا ذميواري آھي ته آئون ڪارونجھر جو دفاع ڪريان، منهنجو اصولي موقف آھي ته آئون ڪارونجھر جي ماڻهن سان گڏ بيھندس، ڪارونجھر جي ڪٽائي خلاف مظاھرا ڪندڙ ڪارونجھر ڪٽيندڙن جا نالا کڻن آئون انھن سان گڏ بيھي ننگرپارڪر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندس. هن چيو ته آئون ڪو وزير ناھيان، ھڪ ايم پي اي آھيان، مون ننگرپارڪر ۾ 22 ارب رپين جا ترقياتي ڪم ڪرايا آھن، سنڌ سڄي ٻڏي ويئي پر اسان جا ڊاڪٽر احتجاج پيا ڪن. ڪتاب جي ليکڪ ويرجي ڪولھي چيو ته مون ڪتاب ۾ گھڻيون شيون شامل نھ ڪيون آهن، جنھن ۾ ڪولھين خلاف پراڻي زماني ۾ ويڌن ڪيو ويندو ھو، جنھن دور ۾ اسان جي ما ڀيڻن کي گھاگھرو پيرن تائين پائڻ جي اجازت نه ھئي، مون ان ڏاڍ خلاف به ناھي لکيو، جنهن ۾ ڪجهه ڏاڍن کي ھتي آباد ڪري اسان مٿان ظلم ڪيو ويو، مون پنهنجي ڪتاب جي ارپنا والدين سان گڏوگڏ ڪارونجھر کي ڪيو آھي، ڪارونجھر روپلي ۽ ڌرتي جي ماڻهن سان نڀايو آھي، قاسم سومرو ڪارونجھر جي ڪٽائي ۾ ملوث ناھي، ٻئي طرف ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ ٽيبلوز پيش ڪيا ويا ۽ ننگرپارڪر جي مشھور فنڪار يوسف فقير سرن جي ورکا پڻ ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close