پاڪستانسنڌ

ڪوٽڙي ۾ سئو سال پراڻي هنومان مندر ۾ ڏياري جي موقعي تي ميلو

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي جي سئو سال پراڻي هنومان مندر ۾ ديوالي جي موقعي تي شري رام جي ياد ۾ ميلو لڳايو ويو، جتي پاڪستان سميت ٻاهرين ملڪن مان ياتري پنهنجي عقيدت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ ايندا آهن، هندو مذهب ۾ شري رام جي 14 سالن کانپوءِ چلو ڪٽڻ کانپوءِ وطن واپسي تي عيد ملهائي ويندي آهي. ان سلسلي ۾ ڪوٽڙي ۾ به سندس ياد ۾ ميلو ملهايو ويندو آهي، جتي ياتري پنهنجون باسون سکائون پوريون ڪرڻ لاءِ پوڄا ڪري پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪندا آهن. عيد جي موقعي تي سنڌ جي ٻين شهرن مان آيل ياتري مندر ۾ مٺايون ۽ تحفا کڻي ايندا آهن. ان موقعي تي سندن چوڻ آهي ته قديمي مندر ۾ عيد ملهائيندا آهيون، مرادون پوريون ٿينديون آهن ۽ هي ڏينهن اسان کي ڀائيچاري، امن ۽ محبت سان رهڻ جو درس ڏئي ٿو. ميلي جي موقعي تي سڪيورٽي لاءِ پوليس ۽ رينجرز جا جوان پڻ موجود هئا، جڏهن ته زائرين لاءِ مختلف اسٽال پڻ لڳايا ويندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button