پاڪستانسنڌ

سنڌ يونيورسٽي ۾ لا ڪاليجن جي شاگردن جو مارچ، ڌرڻو

ڄامشورو (ن، سنڌ ايڪسپريس) سنڌ يونيورسٽي طرفان، سنڌ يورسٽي سان ايفيليٽيڊ سمورن لا ڪاليجن جي شاگردن جا وقت تي امتحان نه وٺڻ، سپلين جي ڳاٽي ٽوڙ فيسن، پئسا هڙپ ڪرڻ جي آڙ ۾ هٿ ٺوڪيون سلپون هڻڻ ۽ ٻين اهم مسئلن خلاف سنڌ يونيورسٽي سان افيليٽيڊ سمورين لا ڪاليجز سنڌ مهراڻ لا ڪاليج، سنڌ لا ڪاليج، جناح لا ڪاليج، انڊس لا ڪاليج، ايوريسٽ لا ڪاليج، نوشهورو فيروز لا ڪاليج ۽ ٻين ڪاليجن جي شاگردن ابرار هاليپوٽو، ڪبير ڀيل، قدير شر ۽ الطاف بجير جي اڳواڻي ۾ سنڌ يونيورسٽي اندر وي سي هائوس کان اي سي ٽو تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ۽ زبردست نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي قانون جي شاگردن ابرار هاليپوٽي، ڪبير ڀيل ۽ ٻين چيو ته سنڌ يونيورسٽي سان افيليٽيڊ هوندي به سنڌ يونيورسٽي انتظاميا سدائين قانون جي شاگردن سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ڪيو آھي. قانوني ۽ آئيني لحاظ کان يونيورسٽي کي پنجن سالن جي ڊگري پنجن سالن ۾ ڏيڻ گهرجي، پر يونيورسٽي انتظاميا غير سنجيدگي ۽ لاپرواهي جو مظاهرو ڪندي اسان کي ڊگري 7 سالن ۾ ڏئي ٿي، جنهن سبب اسان جو مستقبل تباهه ٿئي ٿو، افيليٽيڊ لا ڪاليجز ذريعي ڪروڙن ۾ يونيورسٽي کي فيسون ڏيون ٿا، پر ٽرانسپورٽ کان ويندي ڪا به سهولت استعمال نٿا ڪريون، پوءِ به يونيورسٽي انتظاميا جو رويو انتهائي غيرمناسب آھي. يونيورسٽي جي پنهنجن ڊپارٽمينٽس ۾ سپلي جي فيس هڪ هزار رپيا آهي، پر لا ڪاليجز کان 5000 ورتا وڃن ٿا، سپريم ڪورٽ جو 2018ع ۾ ايل ايل بي پنج سال پروگرام جي مطابق هڪ فيصلو آيل آھي، جنهن ۾ واضح لکيل آھي ته پنجن سالن جي ڊگري پنجن سالن ۾ ڏني وڃي، سپريم ڪورٽ جو فيصلو وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومتن، هاءِ ڪورٽ کي قانوني ۽ آئيني طرح لازمي مڃڻو آھي، پر هتي ان ايڏي فيصلي تي ڪو به عمل ناهي ٿيو. اسان جا ٽي سيمسٽر رهيل آھن، جيڪي يونيورسٽي انتظاميا 6 مهينن اندر لازمي طور اسان کان وٺي، سپلي جي فيس کي گهٽائي هڪ هزار ڪيو وڃي ۽ هٿ ٺوڪيون سپليون هڻڻ بند ڪيو وڃي. جيڪڏھن يونيورسٽي انتظاميا جائز مطالبن کي نه مڃيو ته اسان قانون جا شاگرد سنڌ گير تحريڪ هلائينداسين. احتجاج دوران وي سي محمد صديق ڪلھوڙو مظاھرين وٽ پھچي مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو. احتجاج بعد سنڌ يونيورسٽي انتظاميا شاگردن جو پھريون مطالبو مڃيندي ٻي سیيمسٽر جا امتحان 10 تاريخ تي وٺڻ لا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button