سنڌ

ٽرانسپورٽرن کي گاڏين ۾ باهه وسائڻ جا اوزار لڳائڻ جي هدايت

صوبائي وزير ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ حفاظتي انتظامن جي چيڪنگ مهم جي شروعات ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. بسن، ڪوسٽرن ۽ اسڪول وين ۾ باهه وسائڻ جا اوزار لڳائڻ لاءِ ٽرانسپورٽرن کي هڪ مهيني جي ڊيڊ لائين ڏني وئي. صوبائي وزير ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ اھڙيون هدايتون ٽرانسپورٽ کاتي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. صوبائي وزير چيو ته ضلعي انتظاميا ۽ موٽر وي پوليس جي سهڪار سان سخت چيڪنگ مهم جي شروعات ڪئي وڃي. مسافرن جي حفاظت ٽرانسپورٽرن جي ترجيح ھئڻ گهرجي. هن چيو ته ٽرانسپورٽرن جي غير ذميواري ۽ ايمرجنسي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊرائيورن ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي عملي ۾ آگاهي نه هئڻ سبب افسوسناڪ حادثن ۾ سوين قيمتي حياتيون ضايع ٿين ٿيون. صوبائي وزير هدايت ڏني ته موٽر وهيڪل رجسٽريشن قانونن تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي، خلاف ورزي ڪرڻ وارن ٽرانسپورٽرن جا اجازت ناما رد ڪيا وڃن. هن چيو ته سمورين پبلڪ ٽرانسپورٽ گاڏين مان سي اين جي سلينڊر هٽايا وڃن. ٽرانسپورٽ کاتو ان معاملي تي سنجيدگي سان پنھنجون ذميواريون انجام ڏئي، غفلت ڪرڻ وارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ پيپلز بس سروسز جي مسئلن تي ويچاريو ويو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز بس سروس سنڌ حڪومت جو ميگا پائلٽ پروجيڪٽ آهي. ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي بس سروس جي مانيٽرنگ سسٽم کي موثر بڻائي ۽ ان سلسلي ۾ روز رپورٽ تيار ڪئي وڃي. اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جي سيڪريٽري عبدالحليم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽيڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو، ايڊيشنل سيڪريٽري ٽرانسپورٽ مشتاق شيخ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ليگل سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي بشير حسين، مئنيجر آپريشنز اين آر ٽي سي عبدالشڪور ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button