اسلام آبادپاڪستان

آئي ايم ايف پاڪستان ۾ بيروزگاري شرح ۾ ويتر واڌ جو خدشو ڏيکاري ڇڏيو

عالمي مالياتي اداري (آ ايم ايف) هلندڙ مالي سال دوران پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرح ۾ ويتر اضافي جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. آ ايم ايف طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته هلندڙ مالي سال دوران پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرح 6 ڏهائي 2 سيڪڙو مان وڌي 6 ڏهائي 4 سيڪڙو تائين رهندي، جڏهن ته گروٿ ريٽ 19 ڏهائي 9 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي. رپورٽ مطابق هلندڙ مالي سال اقتصادي ترقي جي شرح 3 ڏهائي 5 سيڪڙو رهڻ جي اميد آهي، جيڪا گذريل مالي سال دوران 6 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي. هلندڙ مالي سال ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جو 2 ڏهائي 5 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. ياد رهي ته پاڪستان ۾ گذريل مالي سال دوران بيروزگاري جي شرح 6 ڏهائي 2 سيڪڙو ۽ گروٿ ريٽ 12 ڏهائي هڪ سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي. گذريل سال ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جي لحاظ کان 4 ڏهائي 6 سيڪڙو رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button