پاڪستان

پنجاب جي اسپيڪر ن ليگ جا 18 ميمبر معطل ڪري ڇڏيا،اسيمبلي ۾ داخلا بند

پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ڀڃ ڊاهه ڪرڻ تي نواز ليگ جي 18 ايم پي ايز کي معطل ڪري ايوان ۾ اچڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي، معطل ڪيل ليگي ميمبر ايندڙ 15 اجلاسن ۾ شريڪ نه ٿي سگهندا، مٿن گذريل ڇنڇر تي پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ جو الزام آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق جن ميمبرن تي پابندي لڳائي وئي آهي انهن ۾ ميان عبدالرئوف، سميع الله خان، ملڪ محمد وحيد، عظميٰ بخاري، صبا صادق، راحيلا خادم حسين، ربيعا نصرت، رابعا فاروقي، زيب النسا اعواڻ، ذيشان رفيق، ڪنول لياقت ايڊووڪيٽ، گلناز شهزادي، نفيسا امين، محمد افضل، عادل بخش، سعديا نديم، راحت افزا ۽ سنبل مالڪ حسين شامل آهن. اسپيڪر موجب جڏهن پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بزدار عمران خان کي نااهل ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن خلاف قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي ته ن ليگي ميمبرن اسپيڪر ڊائيس اڳيان گوڙ ڪري ايوان جو ماحول خراب ڪيو، اسيمبلي سيڪريٽري ان سلسلي ۾ باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، ن ليگي ايم پي ايز کي ايوان جي ٻين ميمبرن جي شڪايت تي معطل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button