پاڪستانسنڌ

نوشهري فيروز ۾ هڪ ايڪڙ زمين جي مالڪي تان جهيڙو، 2 نوجوان سئوٽ قتل

نوشهري فيروز ۾ هڪ ايڪڙ زمين جي مالڪي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن نوجوان سئوٽن کي قتل ڪري ڇڏيو. خبر موجب نوشهري فيروز جي ڳوٺ لھڻو چانڊيو ۾ زمين جي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه نوجوان سئوٽ وسيم ۽ امين چانڊيو موقعي تي قتل ٿي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته ھڪ ايڪڙ زمين جي مالڪي تان سئوٽن ۾ تڪرار ھلندڙ ھو ۽ جھيڙيندڙ ڌرين جا گھر به گڏ آھن، گھر ۾ منهن ماري بعد هڪ جوابدار پنھنجي سئوٽن تي پسٽل جا فائر ڪيا، جنھن سبب ٻئي ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا. اطلاع تي نوشهروفيروز پوليس پھچي لاش تحويل ۾ ورتا ۽ سول اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪيا، جتي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد ٻنهي مقتول سئوٽن جا لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويا. ھڪ ئي گھر ۾ ٻن نوجوانن جا لاش پھچڻ تي گھرن ۾ ڪھرام مچي ويو. ٻئي طرف نوشهروفيروز پوليس جوابدار مھتاب چانڊيي کي گرفتار ڪري گھر ۾ بيٺل 4 مينھون به ڪاهي وئي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او نوشهروفيروز ٻڌايو ته مقتول سئوٽن جا وارث ڪيس داخل ڪرائڻ نھ پھتا آهن، جيئن ئي ايندا ته بنا دير ڪيس داخل ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button