پاڪستانسنڌ

سنڌ حڪومت عوام کي مافياز جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي: فرخ حبيب

ڪراچي: سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ٻيا صوبا عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪڻڪ ۽ کنڊ جهڙين غذائي جنسن تي سبسڊي ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته سنڌ حڪومت صوبي ۽ خاص ڪري ڪراچي جي غريب عوام کي مافيا ۽ منافعي خورن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي.

اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه جمعي تي گورنر عمران اسماعيل ۽ حليم عادل شيخ سان گڏ گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ۾ ڪيو، هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ صوبي ۾ گذريل 13 سالن کان حڪومت ۾ آهي پر اها پنهنجي ذميواري نڀائڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ رڳو واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي. پاڪستان بيورو آف ڳڻپ جا انگ اکر ٻڌائيندي هن چيو ته ڪراچي ۾ 20 ڪلو اٽو 1470 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته لاهور ۾ 1100 رپيا قيمت آهي، هن چيو ته پنجاب حڪومت بروقت سبسڊي اگهن ۾ ڪڻڪ جي فلور ملز کي فراهم ڪيو، جنهن جي ڪري اتي قيمتون گهٽ ٿيون.

هن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت کي ڪيترائي ڀيرا ياد ڏياريو ته اسٽورز ۾ موجود 12 لک ٽن ڪڻڪ گڏ ڪئي وڃي پر سنڌ حڪومت ان حوالي سان فيصلي جو اعلان 15 آڪٽوبر تي ڪيو، جڏهن پنجاب اٽڪل ڏيڍ مهينو اڳ رليز شروع ڪئي هئي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ وفاقي حڪومت جي مشوري کي قبول نه ڪيو ويو، جيڪو سنڌ ۽ پنجاب ۾ڪڻڪ جي اٽي جي قيمتن ۾ فرق جو سبب آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button