اڳوڻي وفاقي وزير ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لا حڪومت سان چونڊن تي ڳالهائڻ لا تيار آهيون، اسان جو هڪ ئي مطالبو آهي ته اليڪشن ڪرايو ۽ فيصلو عوام کي ڪرڻ ڏيو، 4 نومبر کان جلسن ۽ جلوسن جو سلسلو شروع ٿيندو، جنهن دوران تاريخ جا وڏا ميڙاڪا ٿيندا. لاهور ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته منهنجي خيال ۾ ڪو به شهري اهو نٿو سمجهي ته پاڪستان اڄ حقيقي طور تي آزاد آهي، ملڪ ۾ حقيقي آزادي لا عمران خان جي قيادت ۾ لبرٽي چوڪ کان لانگ مارچ شروع ٿي ويو آهي، جڏهن ته 4 نومبر کان جلسن ۽ جلوسن جو سلسلو شروع ٿيندو، جنهن تحت ايندڙ جمعي، ڇنڇر ۽ آچر تي ملڪي تاريخ جا وڏا ميڙاڪا ٿيندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close