پاڪستان

شل بحران ٽري، حڪومت سان چونڊن تي ڳالهائڻ لا تيار آهيون:اسد عمر

اڳوڻي وفاقي وزير ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لا حڪومت سان چونڊن تي ڳالهائڻ لا تيار آهيون، اسان جو هڪ ئي مطالبو آهي ته اليڪشن ڪرايو ۽ فيصلو عوام کي ڪرڻ ڏيو، 4 نومبر کان جلسن ۽ جلوسن جو سلسلو شروع ٿيندو، جنهن دوران تاريخ جا وڏا ميڙاڪا ٿيندا. لاهور ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته منهنجي خيال ۾ ڪو به شهري اهو نٿو سمجهي ته پاڪستان اڄ حقيقي طور تي آزاد آهي، ملڪ ۾ حقيقي آزادي لا عمران خان جي قيادت ۾ لبرٽي چوڪ کان لانگ مارچ شروع ٿي ويو آهي، جڏهن ته 4 نومبر کان جلسن ۽ جلوسن جو سلسلو شروع ٿيندو، جنهن تحت ايندڙ جمعي، ڇنڇر ۽ آچر تي ملڪي تاريخ جا وڏا ميڙاڪا ٿيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button