اسلام آبادپاڪستان

شيري رحمان موسمياتي ايجنڊا جوڙيندڙ 9 عالمي اڳواڻن ۾ سرفهرست

اسلام آباد : موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان کي ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ – 27) سربراهي اجلاس ۾ موسمياتي ايجنڊا جوڙيندڙ 9 عالمي اڳواڻن ۾ سرفهرست رکيو ويو آهي. موسمياتي تبديلي تي ٻڌل صحافت تي ڪم ڪندڙ عالمي صحافتي تنظيم ڪلائميٽ هوم نيوز طرفان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهي 9 عالمي شخصيتون مصر ۾ منعقد ٿيندڙ گڏيل قومن جي فريم ورڪ ڪنوينشن آن ڪلائميٽ چينج تحت پارٽين جي 27 هين ڪانفرنس ڪوپ – 27 جي ايجنڊا جوڙينديون جيڪا موسمياتي سربراهي اجلاس ۾ ڌيان جو مرڪز هوندي. موسمياتي هوم نيوز موجب سڀ کان پهرين وفاقي وزير شيري رحمان دنيا کي ٻوڏ جي نقصانن، تباهڪارين ۽ چئلينجن جي باري ۾ آگاهه ڪندي. ڪلائمينٽ جرنلزم فورم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير فنڊ جي نئين سلسلي کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. تنظيم موجب 27 هين ڪوپ ڪانفرنس ۾ پاڪستان جا مطالبا پيش ٿيندا، دنيا جا اٽڪل 197 ملڪ مصر ۾ موسمياتي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. پاڪستان جي موسمياتي تبديلي واري وزير شيري رحمان، مصر جو محمود محي الدين، سرگرم سفارتڪار جينيفر مورگن، وينيسانڪيٽ، محمود الدين محمودي، ميڪي سيل، ڪلين پاور هسٽلر، وليم روٽو، گسٽا وو پيٽرو، ميٿين ڪنٽرول جان ڪيري ۽ زي زينهوا ڪوپ – 27 هين موسمياتي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. موسمياتي تبديلين کان متاثر ملڪن جي حيثيت سان شيري رحمان اهم خطاب ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button