اسلام آبادپاڪستان

ڳالهين لاءِ تيار آهيون پر پهريون شرط چونڊن جي اعلان جو آهي:فواد چوڌري

اسلام آباد:پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري سرڪار کي ڳالهين جي مشروط آڇ ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت چونڊن جو اعلان ڪري ته اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون. سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته حڪومت پاران ڳالهين جي دعوت واريون خبرون غير سنجيدا آهن، هڪ پاسي تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، آزادي مارچ جي ڪوريج تي پابنديون آهن ۽ ٻئي پاسي هڪ غيرسنجيدا ڪيمٽي جوڙڻ واريون خبرون رڳو آزادي مارچ کي انگيج ڪرڻ لاءِ آهن. اهي چالاڪيون نه هلنديون چونڊن جي تاريخ ڏيو. فواد چوڌري چوي ته سنجيدا ڳالهين لاءِ تيار آهيون پر پهرين شرط چونڊن جو اعلان آهي. اوهان اعلان ڪيو ته چونڊون مارچ يا اپريل ۾ ٿينديون ته ڳالهيون ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته راڻا ثناءُ الله ۽ پرويز رشيد جا بيان ٻڌي ڏک ٿئي ٿو، ٻنهي سان ڪهڙو مسئلو آهي، اڄ اهي ماڻهن کي اگهاڙو ڪري تشدد جو نشانو بڻائي رهيا آهن، گهٽ ۾ گهٽ انهن کي تي ان زيادتي تي واضح ٿيڻ گهرجي، ان وقت اهڙي عمل جي مذمت ڪئي هئي اڄ به اهڙي سازشن خلاف بيٺو آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button