اسلام آبادپاڪستان

عمران خان فيصل واوڊا کي پارٽي مان نيڪالي ڏئي ڇڏي،ميمبرشپ ختم

اسلام آباد :عمران خان پنهنجي پراڻي ساٿي فيصل واوڊا کي پارٽيءَ مان نيڪالي ڏئي ڇڏي، فيصل واوڊا جي پارٽي رڪنيت ختم ڪئي وئي. پي ٽي آءِ جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي تحريڪ انصاف جي چيئرمين پاران عمران خان جي صحيح سان بنيادي رڪنيت ختم ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته فيصل واوڊا پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي تي شوڪاز نوٽيس جو جواب نه ڏنو تنهن ڪري سندس رڪنيت ختم ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته فيصل واوڊا ڪجهه ڏينهن اڳ عمران خان جي لانگ مارچ ۽ بيانيي خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button