پاڪستانسنڌ

مورو ڀرسان ٽرالر جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت، ٻيو زخمي

مورو: مورو ڀرسان قومي شاھراھه سابقي ھوٽل وٽ ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان سراج منگي فوت ٿي ويو. جڏھن ته ضمير منگي زخمي ٿي پيو. زخمي ۽ فوتي کي تعلقا اسپتال مورو آندو ويو. اھڙي اطلاع تي پوليس پهچي تفصيل ورتا. نوجوان جو لاش قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻي پاسي نوجوان جو لاش مورو شھر جي اريگيشن ڪالوني ۾ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. جڏهن ته ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button