پاڪستانسنڌ

ڪوٽ لالو ڀرسان ٽرڪ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار 2 نوجوان فوت

خیيرپور: ڪوٽ لالو ڀرسان پراڻي قومي شاهراھه تي روڊ حادثو، 2 نوجوان فوت. خبر موجب ڪوٽ لالو ڀرسان پراڻي قومي شاهراھه بگھڙ پل تي ٽرڪ جي ٽڪر سبب موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ دريا خان مري جي رھواسي اينٽي ڪرپشن کاتي جي ھيڊ ڪانسٽيبل زاھد عمراڻي جو 17 سالن جو نوجوان پٽ ڪاشف عمراڻي ٿڏي تي فوت ٿي ويو. جڏھن ته نوشھروفيروز جي عمراڻي محلي جو رھواسي 17 سالن جو نوجوان اياز پٽ پنھل عمراڻي سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي اسپتال نيو پئي ويو ته ھن رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ٻي طرف ٽرڪ ڊرائيور ٽرڪ سميت فرار ٿي ويو، پر پوليس ڊرائيور جي گرفتاري لا ڪوبه قدم نه کنيو. هوڏانهن نوجوانن جا مڙھه گھر پهچڻ تي گھرن ۾ ڪھرام مچي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته ٻئي نوجوان پڊعيدن پير جمن شاھه جي ميلي تان واپس گھر اچي رھيا ھئا ته رستي ۾ حادثو پيش آيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button