اسلام آبادپاڪستان

خوني مارچ وارن سان ڳالهيون نه ٿينديون،ڪا ڪميٽي ناهي ٺاهي:وفاقي سرڪار

اسلام آباد :وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان سان ڳالهين واري آڇ کي رد ڪندي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين ڳالهين جي لائق نه آهي. ڳالهين لاءِ ڪائي ڪميٽي ناهي ٺاهي وئي. ادارن خلاف ڳالهائيندڙ شخص سان ڳالهيون ٿي نه ٿيون سگهن. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته گارين، ڌمڪين ۽ ڏڦيرن سان چونڊن جي تاريخ نه ملندي، چونڊ آئيني مدي پوري ٿيڻ تي ئي ٿيندي. پي ٽي آءِ سان ڳالهين واري سوال تي مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان ڪوڙو شخص آهي، ڪنهن سان ڳالهيون ڪيون؟ پارليامنٽ تي لعنت وجهڻ واري سان ڳالهيون ڪيون؟ واضح طور ٻڌائي ڇڏيو آهي ته عمران ان لائق ناهي جو ساڻس ڳالهيون ڪري سگهجن. روڊ رستن تي ڳالهيون نه ٿينديون آهن، ڳالهيون فتنو پکيڙيندڙن نه پر سياستدانن سان ٿينديون آهن. گاريون ڏيندڙ ۽ ادارن خلاف ڳالهائيندڙ شخص سان ڳالهيون ٿي نه ٿيون سگهن. وفاقي وزير چيو ته عمران خان سان ڳالهين لاءِ ڪائي ڪميٽي ناهي ٺاهي وئي، معمول واري اجلاس کي ڪيمٽي سمهجيو ويو آهي. هن چيو ته هڪ شخص ملڪ جو معاشي ڏيوالو ڪري ڇڏيو، ان ويندي ويندي پوري ڪوشش ڪئي ته ملڪ سريلنڪا بڻجي وڃي. اهو شخص چئي ٿو ته سندس خلاف عالمي سازش ٿي، حقيقت ۾ اهو شخص پاڻ عالمي سازش آهي، هن ملڪ جا سفارتي لاڳاپا تباهه ڪري ڇڏيا. مريم اورنگزيب عمران خان کي مخاطب ڪندي چيو ته تون ڪنيٽينر تي بيهي ملڪ خالف سازشون رٿيون، شهباز شريف پنجاب ۾ اسپتال ۽ روڊ ٺهرايا، شهباز ملڪ جي معيشت، سفارتي لاڳاپن، معاشي بحالي، امن، ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۾ مصروف آهي، اڄ به تون ڪنٽينر تي بيهي گند بڪي رهيو آهين، تنهنجي 2014ع ۽ اڄ واري زبان ۾ ڪو فرق نه آهي. هن چيو ته اهو شخص بدامني پکيڙڻ جو منصوبو مڪمل ڪري رهيو آهي. عمران خان اسلام آباد تي چڙهائي ڪرڻ جو چئي رهيو هو، ادارن کي عمران خان جي للڪار جو جشن ڀارت ۾ ملهايو پيو وڃي. ڀارتي ميڊيا ميڊيا چئي رهي آهي ته پاڪستاني فوج، آءِ ايس آءِ تي حملو ڪنداسين، مودي جو ڪيپميئن مئنيجر عمران خان چئي رهيو آهي ته مان پاڻ حملو ڪندس. دنيا پاڪستان جي مدد ڪئي پر عمران خان بدامني ذريعي سڀني کي روڪڻ چاهي ٿو. واضح رهي ته خانگي ٽي وي پنھنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي ھئي تھ حڪومت عمران خان سان ڳالھين لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آھي، جيڪا پي ٽي آءِ اڳواڻن سان ملاقات ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button