پاڪستانسنڌ

سرهاڙي ۾ صحافي تي تشدد ۽ ڦر خلاف ريلي

سرهاڙي: سرھاڙي جي سينيئر صحافي مٿان حملي ۽ ڦر واقعي خلاف صحافين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن سرھاڙي ڦاٽڪ وٽان ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ ايس ايس پي نوابشاهه، سانگھڙ ۽ کڏهر پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي صحافي اڳواڻن شاد منگي، امداد مغيري، شاهھ محمد شاهھ، سرور خاصخيلي، بلاول جمالي، اسد زرداري، الطاف ڀنگوار، اسد ڏاھري، شھيب کوسو، گل حسن خاصخيلي، سول سوسائٽي سماجي اڳواڻن عبدالحفيظ جمالي، علي محمد جمالي، مرتضى جمالي، الهجڙيو مگسي ۽ ٻين چيو ته هر ڏينهن قلم ڌڻين مٿان حملو ڪري حق ۽ سچ جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، سرهاڙي ۽ ڀرپاسي وڌندڙ بدامني ۽ منشيات خلاف آواز اٿارڻ تي سينيئر صحافي رياض زرداري مٿان حملو ڪرائي ڦر ڪئي وئي. هنن ڊي آئي جي شهيد بينظيرآباد ۽ ايس ايس پي نوابشاهه کان مطالبو ڪيو ته رياض زرداري مٿان حملو ڪري ڦر ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري سامان واپس ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button