پاڪستان

لانگ مارچ ۾ ماڻهو گهٽ اچڻ تي پارٽي اڳواڻ اٽڪي پيا، اسد عمر تپي باهه

تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ ۾ ڪارڪنن ۽ عوام جو گهربل انگ ۾ نه نڪرڻ ۽ ذميواري هڪٻئي جي ڪلهن تي وجهڻ تان سينيئر اڳواڻ اسد عمر، حماد اظهر ۽ علي اعواڻ ڪنٽينر تي پاڻ ۾ اٽڪي پيا، اسد عمر عوام جو ٿورو انگ وٺي اچڻ تي تپي باهه ٿي ويو ۽ ايم اين اي علي اعواڻ تي ڪڙڪي پيو، جنهن کي اسد عمر وضاحت پيش ڪرڻ جي ڪوشش دوران ڌڪا ۽ ٿيلها ڏنا، ان موقعي تي اڳوڻي ايم اين اي حماد اظهر بچ بچا جي ڪئي پر اسد عمر جي ڪاوڙ نه لٿي، جنهن دوران چيئرمين عمران خان ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي خاموشي سان تماشو ڏسندا رهيا. ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ مان پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير عثمان بوزدار، عمر سرفراز چيما، علي زيدي، شفقت محمود، مراد راس ۽ فياض چوهاڻ جهڙا اڳواڻ شروعاتي ٻه ڏينهن غائب رهيا، پي ٽي آ لاهور جو صدر امتياز شيخ به اسد عمر جا دڙڪا کائڻ بعد رفوچڪر ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button