پاڪستان

رپورٽر صدف جي مڙس ۽ ڌي کي سرڪاري نوڪري ڏيڻ جو اعلان

پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ جي ڪوريج دوران ڪنٽينر هيٺان اچي فوت ٿيل رپورٽر صدف نعيم جي مڙس نعيم ۽ ڌي نمرا کي سرڪاري نوڪري ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرويز الاهي فوتي رپورٽر صدف نعيم جي پونيئرن سان ملاقات ڪري تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي صدف جي نياڻي نمرا کي 50 لک رپيا امدادي رقم جو چيڪ ڏنو ويو. وزيراعليٰ پنجاب اعلان ڪيو ته صدف جي ڌي نمرا کي سرڪاري نوڪري ڏني ويندي، جڏهن ته مڙس نعيم کي به سرڪاري کاتي ۾ فوٽوگرافر ڀرتي ڪيو ويندو. پرويز الاهي مرحوما رپورٽر جي نياڻي نمرا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان توهان جي والده کي به واپس نٿا آڻي سگهون پر توهان جي ڪٽنب جي هر حوالي سان سار سنڀال ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button